اسلام عليڪم يا علي مدد 🙏
سڀني پرين پيارن سهڻن سڄڻن جي ڀرپور موٽ ۽ ساٿ لئي سڀني جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجن سادن لفظن کي ساراهيو ۽ مان بخشيو، مان تهي دل سان سڀني جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان ۽ رهندس،، ۽ سندس سڀني جي ان پيار ۽ قرب جو هميشه قرضدار رهندس۔۔۔۔۔❤🙏
هڪ پيار محبت جي ڪهاڻي جيڪا بلڪل حقيقت سان باوستا آهي، مان اميند ٿو ڪيان تہ هر ڀيري جيئان هن ڀيري بہ ڀرپور ساٿ ڏيندا ۽ پڙهندا ايندا۔۔۔ مهرباني
نوٽ: هن اسٽوري جو مقصد ڪنهن جي دل رنجائڻ، ڪو ڏک پهچائڻ، يان ڪنهن جي ڪردار تي ڪو ڪچرو اڇلائڻ ناهي، هن ڪهاڻي ۾ ڪجھ اهڙيون غير ضروري شيئون، ڪجھ غير ضروري جڳهون، ۽ ڪجھ اهڙا مسئلا مسائل شامل آهن جيڪي اسان جي ارد گرد موجود آهن، يان چوان تہ ڪجھ اهڙيون ڳالهيون جيڪي هر عام انسان ڄاڻيندو تہ آهي يان کڻي چئجي پاڻ ئي ان ڪن ۾ سڄو گتو پيو هوندو آ پر جي اگر ان کي ڪو آئينو ڏيکاريندو آهي تہ ان کي ڪافي خار لڳندي آ،
مان هٿ جوڙي🙏 سڀني سان معزرت ٿو ڪيان جي اگر ڪنهن کي بہ منهنجي هن ڪهاڻي ۾ ڪا بہ ڳالھ غلت لڳي تہ مهرباني ڪري مونکي معاف ڪندا 🙏
عنوان: منهنجي غلطي مونتي ڀاري
ليکڪ: نجم الدين ڦلپوٽو
قسط۔۔ 1 ..
منهنجي پيدائش .14 ڊسمبر 1999ع لاڙڪاڻي لڳ هڪ ننڊڙي ڳوٺ ۾ ٿي، مونتي منهنجو نالو منهنجي ڏاڏي عطاالله رکيو، بابو ڳالھ ڪندو آ تہ منهنجي ڏاڏي جي پيءُ جو نالو عطاالله هيو ۽ اهو مونتي رکيائين، مان جڏهن ڪجھ وڏو ٿيس تہ مونکي منهنجو نالو ڪافي عجيب لڳندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ مون ۾ منهنجي پڙڏاڏي جو روح سمايل هجي،گھر ۾ مونکي جڏهن بہ ان نالي سان ڪير سڏيندو هو تہ مونکي ڏاڍي خار لڳندي هئي،جيئين جيئين عمر وڌندي وئي تيئين تيئين مونکي سڀئي عطاالله مان عطا عطا سڏڻ لڳا سواءِ بابا جي،، مونکي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هيو، اسڪول ۾ استاد منهنجي زهنائپ ۽ هوشيار هجڻ جي ڪري مونکي ڪافي شاباس ۽ داد ڏيندا ها، ڪچي کان پڪي تائين مان تمام گھڻي محنت ڪئي، وري ڪالج پڙهيس، جڏهن اتان سٺين مارڪن سان پاس ٿيس تہ بابا مونکي وڌيڪ پڙهڻ لئي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري موڪليو، ان وقت منهنجي عمر ساڌا 18 سال هئي، مون لئي يونيورسٽي جو تيز ۽ نئون ماحول هيو، هڪ ڳوٺ کان ڪافي پري، ۽ ان کان بہ وڌيڪ منهنجي هڪ سادي تبيعت هئي، مان ٻهراڙيءَ جو هڪ عام ڇوڪرو بلڪل عام ويس ۾ هيس، ڪي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مونتي ۽ منهنجي ويس تي کلندا هيا،
يونيورسٽيءَ ۾ منهنجا ٽي دوست ٿيا، جيڪي منهنجا ڪلاس ميٽ بہ هيا تہ روم ميٽ بہ هيا، اسان KB هاسٽل؛ روم نمبر 97 ۾ رهندا هياسين، سداقت، لاڙڪاڻي جو هيو، شفيق حيدرآباد جو، شهزاد باڊھ لڳ رانڌڻ اسٽيشن جو هيو، هي ٽئين مونکان ڳالهائڻ ۾ گھمڻ فرڻ ۾ ۽ خاص ڪري ڇوڪريون فاسائڻ ۾ ڪافي چالاڪ ۽ تيز هيا، ٽنهين جو ڪنهن نہ ڪنهن ڇوڪريءَ سان چڪر ضرور هوندو هو، ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري مونکي وڻندي هئي، ڪافي مرتبا سوچيم تہ وڃين آءِ لؤ يو چوانس پر همٿ ڪان ٿي، پر ڀلو ٿيو! ڇوتہ بعد ۾ خبر پئي تہ اها ڇوڪري ڪنهن ٻي کي پئي پسند ڪري، ان ڏينهن کان بعد مون ڪنهن بہ ڇوڪريءَ سان ڳالهائڻ تہ ڇا پر ڪنهن ڏي هڪ نظر بہ ڪان نهاريو، اسان چئين دوستن مان شفيق ڪافي امير هيو، سندس اچڻ وڃڻ ۽ گھمڻ فرڻ لئي ان کي هڪ پنهنجي مهراڻ ڪار هئي، ۽ ڇايد هر روز جو جيب خرچ ايترو هيس جيترو مهيني ۾ بابا مونڏي موڪليندو هيو، شفيق هفتي ۾ هڪ ڏينهن پنهنجي گھر حيدرآباد ويندو هيو باقي ڇھ ڏينهن اوتي ئي اسان سان گڏ هوندو هو، جي اگر ڪينٽين تي چانھ پيئندا هياسين يان زياده تر ماني جو بہ بل اهو ڀريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن سداقت ۽ شهزاد سير سپاٽي ڪرڻ گھمڻ فرڻ شفيق سان ان جي ڪار ۾ هليا ويندا هيا، مونکي هر ڀيري ٽئين چوندا هيا: عطا!! يار هل تہ گھمين فري اچون، پر مان ڪونہ ڪو بهانو ڪري انڪار ڪندو هيس، ڇو جو مان سوچيندو هيس تہ، بابا مونکي هتي پڙهائيءَ لئي موڪليو آ ۽ مان وتان رلندو، ۽ مونکي خبر هئي جيڪي بابا مهيني جا مونڏي پيسا موڪليندو هيو انهن مان صرف ۽ صرف ڪينٽين واري جو بل ئي مس پورو پيو ٿي، مان ايڏو امير ڪون هيس جو هنن جيئان وتان ها گھمندو کائيندو، هنن ٽنهين سان مان يونيورسٽي، هاسٽل، يان ڪينٽين ۾ گڏ هوندو هيس، باقي ٻاهر ڪڏهن بہ ڪون ويو هيس، هي ٽئين مونکي ڪڏهن ڪڏهن (دکي آتمان) چئي چيڙائيندا هيا،،
وقت گزرندو رهيو، مان صرف ۽ صرف پڙهائي مان ڪڏهن بہ ڌيان ڪان هٽايو!!! جدوجهد ڪندي ڪندي ٽي سال گزري ويا، چوٿين سال BS.Hons ۾ آخري پيپر هيو، ڪافي خوف بہ هيو تہ خير سان ٿي وڃين، پر الله جي ڪرم سان تمام بهترين ٿي ويو، ڪافي ڇوڪرن جو لاسٽ ڏينهن هيو يونيورسٽي ۾ تہ وري ڪجھ ڇوڪرن جي نئين ايڊميشن هئي، ڪجھ دوست هڪ ٻي کان موڪلائڻ ۽ هڪ ٻي کان نمبر وٺڻ ۾ مسروف هيا، منهنجي بہ ٻي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي تياري هئي، رات جو روم ۾ مونکي بيگ ۾ ڪپڙا ڀريندي ڏسي مونکي شفيق چوڻ لڳو: يار عطا!! يار ڪافي مرتبا توکي چيو پر تون اسان سان ڪان هلين گھمڻ!! سڀاڻي يار پليز توهان ٽئين مونسان گڏ هلو مان توهان کي پنهنجي حيدرآباد گھمائڻ ٿو چاهيان، مون چيو: وڏي مهرباني شفؤ!! يار مان بابا کي فون ڪري چئي چڪو آهيان تہ مان سڀاڻي ايندس وري جي اگر چوندس تہ نہ مان سڀاڻي ڪون ٿو اچان تہ ڪافي سوال پڇندو، چيائين: يار وري ٻيهر الائي ڪڏهن پاڻ ملئون!! بس سڀاڻي وارو ڏينهن مان توهان ٽنهين سان گڏ گزارڻ ٿو چاهيان، چيم: يار شفؤ!! سمجھڻ جي ڪر، بابا ڳالهائيندو، تنهن تي سداقت چيو: عطا ڪون ڳالهائيندو توکي تنهنجو بابا، اسان کي بہ تہ واپس وڃڻو آ، پر اسان ٻي ڏينهن هليا وينداسين، چيم: يار سدا !! توکي بابا جي خبر ناهي، ڪافي سوال ڪندو، ناراض ٿيندو، شهزاد چيو: عطا!! پڻهين سان مان ڳالهائيندس ٻڌائيندو مانس تہ عطا اسان سان گڏ آ ڪجھ ڪون چوندو، سفان پڪائي ڪندي چيومان: يار توهان سمجھون ڇونہ ٿا!!؟ شفيق مونکي پري ڪري منهنجي بيگ ۾ پيل ڪپڙا ٻاهر ڪڍندي چوڻ لڳو: بس تئي ٿي ويو، سڀاڻي تنهنجو سڄو ڏينهن منهنجي نانءِ آ، مونکي نيٺ هنن ٽنهين مڃائي ورتو ۽ مان هنن سان حيدرآباد وڃڻ جي هامي ڀري ويٺس، ٻي ڏينهن صبح کي ساجھر اٿيس ۽ هنن ٽنهين کي اٿارڻ لڳس، هي ننڊ جي خمارن ۾ چوڻ لڳا: ڇڏ يار عطا!! اڄ ڪهڙو پيپر آ؟ آرام ڪرڻ ڏي، مان وڌيڪ هنن کي تنگ ڪون ڪيو ۽ مان فريش ٿيڻ لڳس، فريش ٿي بيڊ تي ويهي فون هلائڻ لڳس، پوري ڪلاڪ کان بعد هي ڌيري ڌيري اٿڻ لڳا ۽ نمبر وار فريش ٿيڻ لڳا، ان ڏينهن هنن جي تيار ٿيڻ جي طريقي مونکي ڪافي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، ڪريم شريم، تيل فليل، باقائده پاڻ سيگارڻ لڳا، تمام بهترين تيز خوشبودار پرفيوم هڻڻ لڳا، آخر ڪار هي ٽئين تيار ٿيا ۽ مان هنن سان گڏجي هيٺ آيس، ۽ سڀني اچي ڪينٽين تي چانھ پيتي، چانھ پيئڻ کان بعد بل ڀرڻ شفيق هليو ويو مان بہ ان جي پويان اٿي ڪينٽين واري کان پنهنجو سڄي مهيني جو حصاب پڇڻ لڳس ان چار هزار ٻڌايا مان پنهنجي جيب مان بٽون ڪڍي پيسا ڏيڻ لڳس تہ شفيق تڪڙو ڪينٽين واري کي پنج هزار جو نوٽ ڏئي چوڻ لڳو: هن مان عطا جا پيسا ڪٽيو، مان ڪينٽين واري کي چيو: ائين ڪڏهن بہ ڪان ٿيندو ادا واپس ڪريس،پنهنجو بل مان پاڻ ڀريندس، شفيق مونکي چوڻ لڳو: عطا ڳالھ ساڳي آ ڀلا تومي ۽ مون ۾ ڪو فرق آ ڇا؟ چيم:نہ نہ شفؤ!! چريو آ ڇا؟ مان پنهنجو بل پاڻ ڀريندس، شفيق چيو: چڱو ڳالھ ٻڌ!! بل ڀرڻ جو جي ايڏو شوق ٿي تہ اڄ مجھند جي ماني جو بل تون ڀرجان سهي آ؟ هي ڪينٽين واري کان بقايہ هزار واپس وٺي مونکي ٻانهن کان اتان زوري ڇڪي آيو، مان شفيق کي چار هزار ڏيڻ لڳس پر هي چوڻ لڳو: يار اهو ڇاهي جي اگر هي واپس ڪندي تہ مان سمجھي ويندس، تو وٽ منهنجي ڪا عزت ئي ناهي، مان ٿڌو ساھ ڀريندي چيو: يار اهو ڇاهي ڀلا؟ هي وٽ ، پر مونکان شفيق ڪون ورتا، هر هر پيو چوان: يار شفؤ!! ماري ڇڏئي يار، ائين نہ ڪرين هان، هي مونکي چوندو رهيو: بس ڪر هاڻي يار، دل ۾ سوچيم جي اگر مان بعد ۾ ڪينٽين واري کي پيسا ڏيان هان تہ سهي هو، پر مونکي ڇا خبر تہ شفؤ ائين ڪندو، خير!! بعد ۾ اسان ٽئين شفيق جي ڪار ۾ ويٺاسين ۽ حيدرآباد لئي روانا ٿي
وياسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هلندڙ
Nice