Skip to content
Menu
  • Home
  • Tools
    • Generate Professional About US Page
  • Blooging
    • ” Child Shoes Size by Age for Children”2023
    • 3 Awesome Security Plugins for WordPress
    • 5 Ways to Profit Thanks to the U.S. Federal Reserve’s Rate Hikes
      • 6 Investing Strategies for Beginners that Work
        • 6 Ways You Can Make a Profit by Investing with Finance
      • 7 Things You Should Be Doing to Improve Your Finances
      • Abbreviation
      • Antonyms
        • Application form for internee subject specialist
        • Bachelor Test of shah Abdul latif university 11/1/2022
      • Basic Social Studies Solved Questions and Answer (Part 1)
    • Basic Social Studies Solved Questions and Answer (Part 2)
      • Benazir Income Support Program BISP National Social Protection Program Jobs 2021
    • Best Car accident lawyers in California 2022
      • Biology first year chapter one quiz
    • Blessing Institute Of Medical Sciences ( BIMS), Sukkur announced admission 2021 for BS / Undergraduate Programs
    • Cadet College Pano Aqil Lectures Jobs 2021
    • Chartered Accountancy
    • class eight science mcqs quiz
    • Common error in English
    • COMMON ERRORS IN ENGLISH
      • COMMON ERRORS IN ENGLISH
        • Computer Quiz
      • Corporate Banking
      • Corporate funding
      • Covid-19 Gk
    • Crypto Investing Tips for Beginners
      • Digital Assets: Everything You Need to Know
      • Digital Innovation
      • Direct and Indirect Speech
      • EMUI 12 is here! – Arrived on several global high-end Huawei devices!
      • English Vocabulary
        • Establishment Division Islamabad Jobs 2022
      • Flames run win streak to six in a row with victory over Islanders
      • Frontier Institute Of Medical Sciences [abbottabad] ( FIMS), Abbottabad announced admission 2021
      • Funding Start-ups
      • GCU FAISALABAD BS / UNDERGRADUATE ADMISSION 2021
      • General Knowledge About Pakistan
        • General knowledge MCQS
          • GK about Pakistan
            • God and Love Novel
          • Government College University Hyderabad Jobs 2021
            • Grammar pdf
              • Green Investing
            • Guidelines for IBA test
          • Hamsafar Episode 1 and 2 ہمسفر
          • Haq by Anabia Khan Novel Complete Pdf Download
          • Hard money loan 99909
          • Health Department October Jobs 2021
        • HEC jobs
Menu

Mohji Galti Mon Ty Bhari|منھنجي غلطي مون تي ڀاري episode 5

Posted on October 20, 2021 by capitalinform_nbj1qj

 

عنوان: منهنجي غلطي مونتي ڀاري

ليکڪ: نجم الدين ڦلپوٽو 

قسط۔۔۔ 5.

خبر ناهي ڪهڙي ٽائيم اک لڳي وئي، ننڊ ۾ هڪ خواب ڏٺم تہ اها ويحشا هڪ ڏائڻ بڻجي چڪي آ ۽ مان ان وٽ قيد آهيان  اها پنهنجي ڪني بدصورت شڪل ۽ وڏن ڪِنَنِ ڏندن ۽ وڏن ننهن سان مون طرف وڌي رهي آ مونکي کائڻ، مان ڪافي روئي رڙيون ڪري رهيو هان، پر منهنجي هڪ بہ دانهن ڪير نہ ٻڌي، اها ڏائڻ منهنجي سفان قريب پهتي آ، ۽ پنهنجا خنجر جهڙا تيز وڏا ننهن منهنجي پيٽ ۾ هيائين، مان شرڪ ڀري اٿيس،منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز هئي ۽ خوف بجاءِ سڄو پگھر ۾ پاڻي پاڻي لڳو پيو هيس، اوتي ئي ويهي سوچڻ لڳس، هي مونکي ڇا ٿي رهيو آ، هاڻي ننڊ ۾ بہ اها ويهشيا مونکي ڊيڄارڻ لڳي آ، مونکي ڪيئن بہ ڪري پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻو پوندو جيئن ان ويهشيا جو خيال منهنجي زهن مان هٽي،، پنهنجي واچ ۾ ٽائيم ڏٺم شام جا ساڌا چار ٿي چڪا ها، مونکي ان وقت تائين ڪنهن بہ ڪونہ اٿاريو هو، مان کٽ تان اٿيس ۽ پنهنجا ڌوتل ڪپڙا کڻي ٻاهر نڪتس تہ ڏٺم امان ۽ بابا کٽ تي ويٺا ڪجھ ڳالهائي رهيا ها سُرهيا ٿانؤ ڌوئي رهي هئي، باقي وقار ۽ سناالله اتي ڪان ها، امان مونکي ڏسي چيو: ننڊ ڪري اٿين خير سان؟ چيم: ها امان، مان ڪپڙا وڃين نلڪي تي رکي واپس موٽي اچي صابڻ شيمپو کيون ۽  برش کڻي ان کي پيسٽ هڻي برش ڪندو نلڪي تي هليو ويس، ڏهن پندرهن منٽن ۾ فريش ٿي ڪپڙا پائي ڪمري ۾ وڃين فڻي ڏئي پنهنجي فون کڻي ٻاهر اچي امان ۽ بابا جي سامهون ساڄي طرف منهن ڪري ٻي کٽ تي ويٺس، بابا پڇيو: پٽ عطاالله ڏي حال احوال ڪيئن رهيا پيپر؟ چيم: ماشاالله بابا تمام بهترين رهيا، چيائين: رزرٽ ڪڏهن ايندي؟ چيم: ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اچي ويندي بابا! چيائين: تو ڪلھ ٻڌايو ڇونہ تہ مان واپس ٿو اچان، مان جڏهن فون تي پڇا ڪيمانءِ تہ تو چيو سڀاڻي ايندس، ڪنڌ هيٺ ڪندي چيومانس: بابا!! ڪافي ڪم هيو، مون سوچيو متان تڪڙو فارغ نہ ٿي سگھان ان لئي سڀاڻي ايندس پر ٽائيم ملي ويو بس هليو آيس، چيائين: ۽ ڀلا اهو ٻڌاءِ تہ اهو هزار ڇو گھرايئي، ڪهڙي ضرورت ۾ هيئي، امان منهنجو ساٿ ڏيندي بابا کي چيو: بس ڪر هاڻي!! ڪيترا سوال پڇندي منهنجي پٽ کان!! منهنجو پٽ اڃان ويٺو ئي مس آ شروع ٿي ويا تنهنجا پُليس وارا سوال، ان کان پهريان بابا ڪجھ ڳالهائي هان ڀت کان عورتاڻو آواز آيو: ماسي!!!؟ مان ڪنڌ مٿي ڪري ڀت جي طرف نهاريو تہ تمام خوبصورت هڪ عورت جو چهرو نظر آيو، منهنجي ان تي نظر پوڻ کان پهريان هون مون طرف ئي نهاري رهي هئي، هن جو قاتل ۽ ڪهري اکين جي وار جي سٽ مان سهي ڪان سگھيس ۽ هڪ دم ئي پنهنجو نظرون هيٺ جھڪايون، امان اٿي ان ڏي وئي ان ڌيري الائي ڇا چيس امان اها ئي گھڙي اندر ڪمري ۾ وئي مان وري ان ڏي ڏٺو هو مسلسل مونڏي ڏسي رهي هئي، مان هر هر پنهنجون نظرون هيٺ پيو ڪيان ڇوتہ سامهون بابا ويٺو هو، امان اندران ڪجھ گھڻي آڻي هن کي ڏنو ۽ هي هلي وئي ۽ امان واپس اچي ويٺي، بابا وري اتان اهو چئي اٿيو تہ: مان پنهنجي ڪڪڙن کي داڻو ڏيان، امان چيس: رڳو ٿئي ڪڪڙن جي ڪڏهن پنهنجي گھر ڏي بہ توجؤ ڏي، بابا اهو چوندي اڳتي ويو تہ: توکي هميشه منهنجي ڪڪڙن تي وڏي باھ هوندي آ، ڇو ڀلا ڪڏهن گھر ڏي ڌيان ناهيان ڏيندو ڇا؟ امان چيس: ها ها ڌيان تہ وڏو ٿو ڏين!! ٻن مهينن کان وٺي وقار پيو چوي تہ مونکي فون وٺي ڏي!! ان جي فون لئي توکي پيسا ناهن، باقي ڪڪڙن جي داڻي لاءِ پيسا اٿئي، بابا وڌيڪ ڪجھ ڪون ڳالهايو ۽ ڪڪڙن کي ٻاجھري ڏيڻ لڳو، بابا کي ڪڪڙن جو وڏو شوق هوندو هيو، ڪڪڙن کي پالي وڏو ڪري ميلھ ويڙهائيندو هيو، ان وقت بہ ٻہ ڪڪڙ گھر ۾ ٻڌا پيا هيس،،، مان امان کان پڇو: امان!! وقار فون لئي ٿو چوي ڇا؟ چيائين: ها پٽ چوي ٿو وڏي فون وٺي ڏيو، مان گيدي مان پنهنجي اوپو فون ڪڍي امان کي ڏيکاريندي چيم: امان هي مان پنهنجي ڏيانس؟ چيائين: نہ نہ پٽ اِها توکي هجي وقار کي ٻي ڪا هلڪي وٺي ڏينداسين، چيم: امان!! ڀلا اهو تہ ٻڌاءِ!! اها جيڪا هاڻي ڀت کان مائي آئي اها ڪير هئي؟ چيائين: اها ئي تہ آهي جنهن جي باري ۾ صبح ڏسيو هيو مانءِ، اها ئي تہ آهي ان ڪني موالي شيرو جي زال زري!، حيرت مان پڇيم: زري!!؟ چيائين: پٽ پورو نالو زرينِ ٿس، سڀ پيار سان زريِ زريِ ڪندا ٿس، دل ۾ سوچيم!! الله سائين بہ ڪهڙن ڪهڙن تي مهربان ٿو ٿي، هڪ بيحد خوبصورت زال هڪ موالي کي عطا ڪري ڇڏيائين، جنهن کي ان جو ڪو قدر ئي ڪانهي،، مونکي سوچن ۾ گم ڏسي امان چيو: عطا!! ڪاڏي گم ٿو ٿي وڃين، مان واپس ايندي چيو: نہ امان ڪاڏي بہ نہ!! امان ان توکي ڇا چيو؟ چيائين: چوي پئي تہ چانھ ڪندم ماچيس جون تيليون کپن،اهي کڻي آڻي ڏنيومانس، ائي ڏٺئي عطا !! موکان تہ وسري ويو تنهنجي چانھ پئي آ اها کڻي اچان، امان ائين چئي کٽ تان اٿي، مان بہ تڪڙو کٽ تان اٿندي چيومانس: نہ نہ امان بس ٻاهر وڃان پيو دوستن سان ملڻ چانھ اوڏهان پي ايندس، چيائين: تيار پئي آ چانھ!! ڪهڙو ٽائيم لڳندو کڻي اچڻ ۾ !! ويھ هڪ منٽ، مان واپس ويهي رهيس، امان هڪ منٽ ۾ چانھ کڻي آئي، مونکي ڏئي ساڳي کٽ تي ويهي رهي، مان چانھ وٺي پيئڻ لڳس، سرهيا بہ ٿانؤ ڌوئي اچي مونسان گڏ ٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي: ڀائو!! تو صبح چيو تہ تنهنجي لئي ڪجھ آندو آ ٻڌاءِ نہ ڇا آندو ٿي؟ سرهيا کي مان جواب ڏيان ها ان کان پهريان امان سرهيا کي دڙڪو ڏيندي چيو: ڇوري!! ڇڏجان نہ ڀاءَ کي، رڳو بس موقعو ملئي باقي شروع ٿي؛ ٿي وڃين!! ڀائو منهنجي لئي ڇا آندو ٿي!! منهنجي لئي ڇا آندو ٿئي؟ سرهيا امان کي چيو: ڇا ٿي پيو پو امان!! منهنجو ڀاءُ آ، مان گھرندي مانس، مون کلندي چيو: ها امان بلڪل سرهيا منهنجي پياري ڀيڻ آ، مونکان ڪجھ بہ گھري ٿي سگھي،، سرهيا کي چيو: سرهيا!! مان ٻاهر ٿو وڃان دوستن سان ملڻ، تون ائين ڪر منهنجي بيگ کولي توکي جيڪو ڪجھ وڻي تون اهو کڻ، سرهيا خوش ٿيندي کلندي چيو: سچي ۾ ڀائو؟ چيم: ها ها بلڪل، امان چيو: عطا!! ائين موڪل نہ ڏيس، هي ڏائڻ سڀ ڪجھ کڻي ويندئي؟ مان چانھ پي ويو هيس ڪوپ کٽ تي رکي اٿندي چيو: ڀلي کڻي امان سڀ سرهيا جو تہ آ، سرهيا مزاڪن کٽ تان اٿندي کلي مونکي چيو: سهي آ ڀائو تون وڃ وڃ، امان پئي مٿو هڻندي، سرهيا ڪمري جي طرف ڀڳي منهنجي بيگ کولڻ پر ان کي شايد اها خبر ڪان هئي تہ بيگ کي ننڊڙو تالو لڳل آ، جنهن جي چاٻي مون وٽ هئي ۽ مان ڄاڻي واڻي ان کي ان لئي موڪل ڏني، مان مسڪرائيندو ٻاهر پيو وڃان بابا جو آواز آيو: عطاالله!! ڪاڏي ٿو وڃين هيئر؟ مان ڇرڪ ڀريندي بابا ڏي ڏٺو بابا اڃان تائين ڪڪڙن جي ٽنڊوالي ۾ مصروف هيو، چيم: بابا!! نويد ۽ اياز سان ملڻ ٿو وڃان، چيائين: ٺيڪ آ پر اڪيلو نہ وڃ، وقار کي ساڻ وٺيون وڃ، چيم: نہ بابا!! ڪو مسعلو ناهي مان اڪيلو ئي ملي ايندس، چيائين: اياز وارن جو اوطاق ڏٺل ٿي؟ چيم: ها بابا!! مڇي جي ٿلاءَ وٽ اٿن نہ انهن جي اوطاق!!؟ چيائين: چريا!! اها تلاءَ واري زمين ئي کپائي ڇڏين، هاڻي ٻي هنڌ رهندا هن، چيم: بابا مان پاڻ ئي ڳولهي لهندو سانِ، ائين چئي مان دروازي کان ٻاهر نڪتس، بابا پويون هڪ ٻہ سڏ ڪري چوڻ لڳو: عطاالله ۔۔۔۔ عطاالله۔۔۔۔ هي ڇورو ڪڏهن ڪون سڌرندو،،، ٻاهر ڏٺم ٻہ ننڊڙا ٻار موالي شيرو جي جڳھ جي ڀت سان هيٺ مٽيءَ ۾ راند پيا کيڏن،،

 مان ٿورو ئي اڳتي هليس تہ مونکي وري اهو ساڳو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: سمين اچ وهنجاريانءِ،، ڏاهو ناهين!! هيڏي اچ!!!!، ڪافي دير ٿي وئي آ!! مان جڏهن دروازي تي پهتس تہ ڏٺم اها ئي ساڳي زرينِ هئي ۽ پنهنجي ننڊڙي پٽ سمين کي سڏي رهي هئي، مونتي جيئين ئي نظر پيس تہ هو چپ ٿي وئي ۽ مونکي ڏسڻ لڳي، مان هڪ نظر هن کي ڏسندي اڳتي هلندو رهيس، وري ٻيهر ان جو مون آواز ڪون ٻڌو، ڇايد مونکي ڏسي هي چپ ٿي وئي، ويھ پنج ويھ فٽ اڳتي وڃين پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺم زرينِ مونکي اڃان تائين ڏسي رهي هئي، مونڏي هن جي هرو ڀرو بي بجا ڏسڻ مونکي ڪافي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو، مان تڪڙو منهن سڌو ڪري اڳتي هلندو رهيس ۽ ٻيهر ڪان نهاريو، ٿورو اڳتي ويس تہ کاٻي هٿ تي هڪ گھٽي هئي، اها وٺي هلندو رهيس ۽ پنهنجي ڳوٺ جي جڳھن ڏي ڏسندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس!! هنن چئن سالن ۾ هي ڳوٺ ڪيڏو نہ بدلجي ويو آ، پهريان ڪافي ڪچيون جڳهون هيون ۽ لوڙهن جا ڪوٽ هيا ۽ هاڻي ماشاالله ڪافي پڪيون جڳهون ٺهي ويو هيون ۽ پڪا ڪوٽ هيا، مان ٿورو ڪجھ ئي اڳتي هليس تہ سامهون ڪنهن کي بائيڪ تي ايندي ڏٺو، مان هلندو رهيس ان بائيڪ واري اچي منهنجي سامهون بائيڪ بيهاري ۽ چيو: عطا!! ڪهڙا حال ٿي يار؟ چيم: مان بلڪل ٺيڪ تون ٻڌاءِ؟ اهو اياز هيو منهنجو سوٽ، بائيڪ تان لهي مونسان ڀاڪر پائي مليو ۽ وري بائيڪ تي ويهي واپس فيرائي چيائين: ويھ!! مان هن سان چڙهي ويٺس هي هلڻ لڳو،، اياز ۽ نويد منهنجا سڳا سوٽ هيا ۽ سن سرت هجڻ جي ڪري منهنجا دوست بہ هيا، مون اياز کان پڇو: اياز هيئر ڪاڏي پيو وڃين؟ کلندي چوڻ لڳو: ڪاڏي ڪون پيو وڃان درسل توکي کڻڻ آيو هيسُ، مان هج ڪندي چيو: هڻ ڪوڙ!! توکي ڪهڙي خبر تہ مان توهان سان ملڻ ٿو اچان، چيائين: چاچا بابا ڏي ڪال ڪئي تہ عطا اوهان ڏانهن پيو اچيؤ، بابا مونکي چيو ۽ مان بائيڪ ڪاهي توڏي آيس، چيم: سهي!!!،،ڪجھ منٽ بعد هنن جي گھر پهچي وياسين هي اسان جي ڳوٺ کان لڏي وڃين ٻي ڳوٺ ۾ ويٺا هيا، اهو ڳوٺ بہ اسان جي ڳوٺ سان گڏ هو ڪجھ قدم مفاصلي تي، مونکي اياز گھر وٺي ويو، سڀئي مونکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ نمبر وار اچي مونسان مليا، گھر ۾ چاچو الهداد، چاچي، اياز، نويد، انهن جون ٻہ ڀينرون سنت ۽ آيت ۽ ان جي ڀاڀي ياني نويد جي گھر واري موجود هيا، آڳر تي ٻہ کٽون پيل هيو، هڪ کٽ تي رلهي وڇايل هئي، منهنجي اچڻ جي خبر پوندي هنن جي جيڪو وس ۾ هيو هنن اهو ڪيو هو، چاچا الهداد ۽ چاچي منهنجي وڏي پيار سان آجيان ڪندي کٽ تي ويهاريو ۽ پاڻ بہ سڀئي ويٺا سواءِ آيت ۽ نويد جي گھر واري جي، اهي ٻئين مونکي هٿ ڏئي ڪچن ڏي هليون ويون، چاچا مونکان ڪافي حال احوال پڇا، جيئين تہ پڙهائي ڪيئين رهي؟ ڄام شوري مزو اچئي پيو؟ اتان جي موسم ڪيئن هئي؟ وغيره وغيره؟ ڪجھ حال احوال وري نويد ۽ اياز سان ڪيم، آيت چانھ کڻي آئي اها ان کان وٺي پيتم، چاچا الهداد کان مان پڇو: چاچا!! توهان تہ اسان جي ڳوٺ رهندا هيؤ، پو هتي ڪيئين اچي ويٺؤ؟ چيائين: عطا!! اهو وڏو قصو آ، هالي تون نئون نئون آيو آن انهن ڳالهين کي ڇڏ بعد ۾ ٻڌائيندو سانءِ، چيم: ڇو چاچا!! هاڻي ڇونہ؟ مونسان گڏ اياز ويٺو هو ان مونکي هلڪي چونڊي هئين، مان سمجھي ويس ۽ ڳالھ کي مٺائيندي چيم: چاچا!! هاڻي مان هلندس، سج لهي ويو آ،چيائين: پٽ ائين ڪيئين ٿيندو!! پهريون ڀيرو آيو آن ماني کائڻ کان پهريان ڪون ڇڏيندو سانءِ، اٿندي چيم: نہ چاچا!! توهان سان ڀلا ڪهڙو حجاب!! پنهنجو گھر آ ماني وري ڪنهن ٻي واري کائيندس، چيائين: چڱو ڀلا تنهنجي مرضي، اياز کي چيائين: پٽ عطا کي ڇڏي اچ، مان واپس اياز سان بائيڪ تي چڙهي اچي پنهنجي ڳوٺ پهتس، اياز کان موڪلايو اياز واپس هليو ويو ۽ مان گھر هليو ويس۔۔۔۔۔۔۔۔۔هلندڙ

First episode|پھرين قسط

Second episode|ٻئين قسط

Thrid Episode|ٽئين قسط

Fourth Episode|چوٿين قسط

Sixth episode|ڇھين قسط

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Join our email list to receive the latest articles in your inbox

Recent Posts

  • Paypal Fee Calculator 2023
  • (no title)
  • Age Calculator Online 2023
  • Generate Professional About US Page
  • ” Child Shoes Size by Age for Children”2023

Categories

  • admissions
  • Agency Insight
  • Banking
  • Best Car accident lawyers in California
  • Brazil
  • Canada Medical Insurance
  • car insurance
  • Career
  • Case studies
  • Companies and Quotes
  • Computer
  • English
  • English Novel
  • Establishment Division
  • Finance
  • food
  • GK
  • Growth
  • Health Insurance Rules and Regulations
  • Home insurance
  • INSURANC
  • Insurance
  • Investing
  • Islamabad Jobs 2022
  • JEST TEST
  • Jobs
  • levarT
  • LIVE MATCH
  • live new
  • live news
  • Loan
  • MDCAT
  • MedEical insurance Guidelines
  • Medical Insurance In Canada
  • mobile
  • Mortgage Insurance
  • NAB loan
  • Naeem All-rounder book
  • NBA season
  • New jobs 2022
  • News
  • Notes
  • Notifications
  • online live news
  • Papers
  • Past Papers
  • Practical Law
  • Practical Law – Legal Resources & Guidance for Public Safty
  • Quiz
  • RD Sharma PDF Download
  • recipes
  • Season NBA 2022
  • shoes
  • Sony live
  • Sports Live
  • Stories/novel
  • Technology
  • Test Preparation
  • Tools
  • tranding new
  • tranding news
  • Travel insurance
  • truck insurance
  • Uncategorized
  • Urdu novel stories
  • Video

Professional Educational Platform. Here we will provide you only interesting content, which you will like very much. We're dedicated to providing you the best of Educational, with a focus on dependability and Online Quizzes, jobs,tools books. We're working to turn our passion for Educational into a booming online website.

©2023 | Design: Newspaperly WordPress Theme
  • Tools
  • Blogging
  • Contact Us