عنوان: منهنجي غلطي مونتي ڀاري
ليکڪ: نجم الدين ڦلپوٽو
قسط۔۔ 3 ..
مان ان کان منهن پاسي ڪري ڇڏيو، هن ڪپڙا پائي دنگ ڪيا، مان اڃان بيڊ تي ستو پيو هيس، هي بي رخي واري لهجي ۾ چوڻ لڳي: چل اب نکل یہاں سے، ساری عمر کیا یہاں سونے کا ارادہ ہے کیا؟ مان بيڊ تان اٿي ڪپڙا پائڻ لڳس، هي در جي ڪنڊي کولي ٻاهر هيڏي هوڏي جھاتي پائڻ لڳي، مان ڪپڙا پائي دنگ ڪيا تہ ان ڪمري ۾ سائيڊ سان پيل هڪ فون وڄڻ لڳي، هي در تان ئي فون جو آواز ٻڌي واپس اچي فون کئين، نمبر ڏسي ڪال اوڪي ڪرڻ کان پهريان مونکي چوڻ لڳي: باہر کوئی نہیں ہے، جلدی سے نکل جا، مان دروزي جي طرف وڃڻ لڳس هن ڪال اوڪي ڪئي ۽ ڳالهائڻ لڳي: هيلؤؤ۔ ها!! ۔۔۔۔۔ هالي بيھ بعد ۾ ۔۔۔ مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس تہ هن کي سنڌي بہ اچي ٿي مان ڪمري مان ٻاهر نڪري ويس، ٻاهر اهو ئي ساڳو ماحول هيو، ڪي اچن تہ ڪي وڃن پيا، شفيق وارن مان اڃان تائين ڪير واپس ڪون موٽيو هو، مونکي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي، دل ۾ سوچيم، مان تہ پنهنجو پاڻ سان ئي نظرون نٿو ملائي سگھان ۽ هي تہ مونکي چيڙائيندا هلندا، مان بس سوچي ڇڏيو تہ هنن سان واپس ناهي وڃڻو، مان اڪيلو ٽنهين کي ڇڏي بي خوف هيٺ لهڻ لڳس، سيڙهي جو هڪ هڪ ڏاڪو پير رکڻ سان مونکي ڏنگي رهيو هو، منهنجا قدم منهنجو ساٿ ئي نہ پيا ڏين، پوءِ بہ ڪوشش ڪري پنهنجو بچ بچاءُ ڪندي، هيٺ اچي پهتس، ٻاهرين لوهي گيٽ تي ساڳو همراھ مونکي عجيب نظرن سان ڏسي رهيو هو، ائين پيو لڳي ڄڻ مان ڪو هن جو قرضي هجان يان وڏو ڪو گناھ ڪري ٻاهر ويندو هجان، مان ٻاهر نڪري ڏٺو شفيق جي ڪار بيٺي هئي هي ٽئين اتي بہ ڪان هيا، مان اهو ئي روڊ وٺي اڳتي هلڻ لڳس سوچيم تہ هتان ڪو رڪشو ڪيان جيڪو هاسٽل تائين پهچائي، پر پيسا ڏسان گھڻا آهن مون وٽ؟ ان ويهشيا منهنجي بٽون مان پيسا تہ ڪڍيا هيا پر الائي گھڻا، مون گيدي مان بٽون ڪڍيو، کولي ڏٺو تہ ان ۾ هڪ رپيو بہ ڪون هيو، سڀ پيسا بٽون مان ان ويهشيا ڪڍي ورتا ها، سوچيو هاڻي ڇا ڪجي، جي اگر واپس فشؤ وارن ڏي ويندس تہ مونتي کلندا ۽ مان انهن جي آڏو ڏاڍو شڪي ٿيندس، سوچيو تہ بابا ڏي ڪال ڪيان ۽ پيسن لاءِ چوانس!! پر بابا ڇا سوچيندو مان ان کي صبح چئي چڪو هان تہ مون وٽ پيسا آهن،، ڇا ڪجي هاڻي!!!؟ پنج منٽ هلندي سوچيندو رهيس، نيٺ همٿ ڪري بابا جو نمبر ملايو، ڪال وئي خوف مان منهنجا لنڱ هلي رهيا ها، ٻين رنگ تي ڪال اوڪي ٿي ۽ بابا جو آواز آيو: هيلؤؤ، مان هٻڪندي چيو: هيلؤ بابا!! چيائين: ها پٽ!! ڏي حال احوال؟ چيم: بابا مونکي هيئر هڪ هزار کپي!! بابا چيو: ڇو ڀلا ڇا ٿيو آ!! خير تہ آهي؟ صبح پڇا ڪئي مانءِ چيئي پيسا آهن؟ چيم: ها بابا!! مون وٽ آهن پر هڪ هزار مونکي هيئر کپي ڪم ۾ آ، چيائين: ٺيڪ آ!! وقار کي هيئر ئي موڪليان ٿو شهر ڏهن منٽن تائين تو وٽ هزار پهچي ويندو، چيم: سهي آ بابا!! پر جيڏو ٿي سگھيؤ جلد موڪلجو، مان فون بند ڪئي ۽ اڳتي شهر ڏي هلندو رهيس ڪو ايزي ڪيش وارو دڪان ڳولهڻ لڳس، ۽ انتظار هيو تہ وقار جڏهن پيسا موڪلي، وقار منهنجو ننڍو ڀاءُ هيو جيڪو مونکان ٻہ سال ننڍو هو، پوري پنجويھ منٽن بعد منهنجي نمبر تي پيسا پهتا، ۽ شفيق ۽ صداقت جي مونڏي ڪال مٿان ڪال هئي، مان بہ شهر پهچي چڪو هيس ۽ هڪ ايزي لوڊ واري دڪان تان اهو هزار ڪڍرايم، هنن جي ڪال مٿئون ڪال اچي رهي سوچيم هي ڪال ڪرڻ ائين بند ڪون ڪندا مان فون ڪڍي شفيق کي ميسج ڪيو: میں واپس ہاسٹل آگیا ہوں، منهنجي ميسج کان بعد هڪ دفعو وري شفيق جي ڪال آئي جيڪا مون بزي ڪري ڇڏي، ان کان بعد هنن جي ڪال ڪون آئي، مان روڊ تي بيهي ڪنهن خالي رڪشي جو انتظار ڪرڻ لڳس، ڪافي رڪشا ٽيڪسيون گزريون ڪن پڇو ادا ڪاڏي ويندي!! ڪن چيو اسان هاسٽل ڪون هلنداسين، پوري ڏهن منٽن بعد هڪ رڪشي واري اچي منهنجي آڏو رڪشو روڪيو ۽ پڇڻ لڳو: ادا ڪاڏي ويندؤ؟ مان ان کي ٻڌايو!! ان چيو: هلندم پر ٻہ سؤ وٺندو مانءَ،، مان چڙهي ويٺس، هي شهر جي رش مان نڪرندو اچي مين روڊ تي پهتو تہ هن mp3 هلائڻ شروع ڪئي مٿئون بڪسي وارا اسپيڪر لڳل هيا، جنهن ۾ گانو پيو هلي: دل غلطی کر بیٹھا ہے؛ غلطی کر بیٹھا ہے دل، ائين پيو لڳي ڄڻ، اهو صرف هڪ ڪلام نہ بلڪي منهنجي دل جو آواز هجي، مان رڪشي واري کي چيو: ادا سونگ چينج ڪيو ٻيو هلايو، هن گانو چينج ڪيو، تیرا فتور سر پے چڑھ گیا رے، وري مون چيو: ادا ڪو سٺو گانو هلاءِ، هن وري چينج ڪيو: تيری گلی میں آنا میری عادت سی ہوگئی ہے، ائين پيو لڳي ڄڻ سڀئي گانا مون تي ٺهيل هجن، مان وري ٽيهر چيو: ادا گانو چينج ڪر، رڪشي واري خار ۾ اچي mp3 ئي بند ڪري ڇڏي،
اڌ ڪلاڪ ۾ رڪشي واري مونکي هاسٽل لاٿو مان رڪشي واري کي ٻہ سؤ ڏئي، مٿي ويس، سوچيم الله ڪري شفيق وارا واپس نہ پهتا هجن!! ۽ ٿيو بہ ائين ئي، هي ڪون پهتا ها، پنهنجي روم جي هڪ چاٻي مون وٽ بہ هوندي هئي، مان تالو کولي اندر ويس ۽ فريش ٿي ڪپڙا چينج ڪري، پنهنجو سڀ سامان بيگ ۾ ڀرڻ لڳس، ان وقت شام جا پنج ٿي چڪا ها، مون بس سوچي ڇڏيو تہ هيئر ئي واپس ڳوٺ ويندس، مان پنهنجي بيگ کڻي ٻاهر نڪتس، بيگ در تي رکي سائيڊ واري روم جو در کڙڪايو، هڪ ڇوڪرو ٻاهر آيو مان ان کي چاٻي ڏيندي چيو:ادا هي شفيق وارا اچن تہ انهن کي چاٻي ڏجو ۽ منهنجي نالي چئجو پنهنجي ڳوٺ هليو ويو، چيائين: سهي آ ادا،،، مان بيگ کڻي روانو ٿيس، ڏهن منٽن ۾ وڃين اسٽان تي پهتس آفيس مان لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ ورتي جيڪا ساڍا ست سؤ ۾ ملي، مان ٻاهر بينچ تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳس ڪوچ جو تہ شفيق جي ڪال آئي، مان ڪال بزي ڪئي، وري ان ميسج ڪيو: يار عطا کہاں ہوں؟ مان رپلاءِ ڪيو:میں ابھی ڪوچ ميں ہوں اپنے گھر جارہا ہوں، هن جو رپلاءِ آيو: يار یہ کیا بات ہوئی بنا بتائی بنا ملے جارہا ہے، اگر کوئی غلتی ہوگئی تھی تو soory بولنے کا موقعا تو دیتے، مينے جو تیرے لیئے پینٹ شرٹ لی تھی وہ تو لیکے جاتے، مان ڪوڙ هڻندي رپلاءِ ڪيو: بس یار بابا کی کال آگئی تھی کے جلدی گھر آجائو، جواب ڏنائين: کیوں خیر تو ہے، لکيم: ہاں خير ہے بس، لکيائين: یار so soory تمہاری مرضی کی خلاف تمہیں وہاں لے گئے،، مان وڌيڪ شفيق کي ڪو جواب ڪون ڏنو، مونکي پنهنجي غلتي تي ڏاڍو پشتاءُ ٿيڻ لڳو، اها ويهشيا منهنجي زهن تي سفان سوار ٿي چڪي هئي، مان ان جي بي رخي بي شرمي واري روئيي ۽ ان جي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ جسم ۾ گرفتار ٿي چڪو هيس، هو منهنجي دماغ تان نہ پئي لهي، گاڏين جي شور هوندي بہ مان پنهنجو پاڻ ان وٽ محسوس پيو ڪيان،
پوري اڌ ڪلاڪ کان بعد ڪوچ اچي وئي مان ان تي چڙهي وڃين بيگ مٿي ڪري رکي ۽ پنهنجي دري واري سيٺ تي وڃين ويٺس، ڪوچ ڏھ منٽ بعد ڄاشوري مان هلڻ لڳي، ڪجھ ٽائيم بعد ڪلينڊر اچي موکان ٽڪيٽ پڇا ڪئي مان ان کي پنهنجي ٽڪيٽ ڏيکاري ان ٽڪيٽ جي هڪ ڪنڊ فاڙي مونکي ٽڪيٽ واپس ڪئي، ڪجھ اڳتي هلي هڪ همراھ اچي موسان گڏ ٻي سيٽ تي ويٺو ۽ هروڀرو طرح طرح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، مونکي الائي ڇو خار پئي اچي، ڪوچ پنهنجي تيز رفتار سان هلندي رهي ان همراھ کي ننڊ پئي اچي ان منهنجي ڪلهي تي پنهنجو ڪنڌ رکيو، مان بہ ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مونکي ان ويهشيا جي خيال ننڊ ڪرڻ ڪون پيو ڏي، ڪوچ هلندي رهي ۽ پنهنجي پنهنجي منزل تي مسافر لاهيندي رهي، رات جي ساڍي ٽين بجي لاڙڪاڻي اسٽان تي پهتي مان پنهنجي بيگ مٿان لاهي هيٺ لٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هلندڙ
نوٽ ناول پسند اچي تہ ڪمينٽ لازمي ڪندا
Nice one, keep going on..